اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي 27 آڪٽوبر کي ڄمون ??شمير رياست جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. ڀارت و??لاريل ڄمون ??شمير جي وڏي حصي کي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذري ويا، ڀارت ان علائقي تي زبردستي قبضو جاري رکيو پيو اچي. گهرو وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته گڏيل ق??مون ۽ عالمي تنظيمون ??ارت جي ظلمن کي روڪي نه سگهيون. نريندر مودي گڏيل ق??من ج?? قراردادن جون ??ڄيون اُڏائي ڇڏيون. ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل واديءَ ۾ سياسي نظام کي ويڙهي ڇڏيو. ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ نوان قانون مڙهي ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميري عوام جا حقيقي نمائندا سالن کان قيد آهن ۽ جيل جون سختيون برداشت ڪري رهيا آهن. ڀارتي ظلمن کي دنيا جي نظرن کان اوجهل رکڻ لاءِ ميڊيا تي پابنديون مڙهيون پيون وڃن. تحريڪ آزاديءَ جي هن جنگ ۾ هزارين بيگناهه ڪشميري پنهنجي جانين جون قربانيون ??ئي چڪا آهن. ڀارت جي ايڏي وڏي فوج به ڪشميرين جي خوداراديت و??ري جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام آهي، غزه جي تازا ترين صورتحال ثابت ڪيو آهي ته پُراڻا حل طلب تڪرار عالمي امن لاءِ لاڳيتو خطرو آهن، ڪشميرين جو خوداراديت و??رو حق عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تي ڄمي بيٺل آهي، پاڪستان جو عوام ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو. ڀارت طاقت جي ڏڍ تي ڪشميرين جو آزاديءَ وارو جذبو گهٽ نٿو ڪري سگهي. پاڪستان پنهنجي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.