اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ والاريل ڪشمير ت?? ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خ??اف 27 آڪٽوبر ت?? ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب ۾ رشين فيڊريشن ۾ پاڪستان جي سفير محمد خالد جمالي، روس ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن ۽ سفارتخاني جي عملدارن شرڪت ڪئي. سيڪنڊ سيڪريٽري محمد طيب ۽ سيڪنڊ سيڪريٽري ڊاڪٽر جيٺا نند ترتيبوار صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم پاڪستان جا پيغام پڙهي ٻڌايا. ان موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قبضي جي خ??اف ڪشميري عوام جي مزاحمت جي حوالي سان هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ آزادي جي جدوجهد جي تصويري نمائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.