ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڱاري ڏينهن عالمي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪ?? جي لاءِ ڊيووس پهچندو. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ”عالمي تڪرارن جي دور کان بچاءُ“ جي موضوع تي عالمي اقتصادي فورم جي غ??ررسمي اجلاس ۾ شرڪت ڪ??دو. هن اجلاس ۾ دنيا جا ناليوارا پاليسي ساز، سيڙپڪار ۽ ڪاروباري اڳواڻ ۽ ماهر به شرڪت ڪ??دا. نگران وزيراعظم ڊيووس ۾ ڊي پي ورلڊ ۽ جي ڊبليو انٽرنيشنل هولڊنگ جي وچ ۾ مفاهم?? جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪ??دو. نگران وزيراعظم سان ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ڪارگل ڪمپني جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائڪس به ملاقات ڪ??دو. نگران وزيراعظم بعد ۾ عالمي اقتصادي فورم جي باني ڪلائوز ۽ هلڊي شواب پاران عالمي سياسي اڳواڻن، عالمي تنظيمن ۽ عالمي ڪ??روباري ڪ??ئونسل جي اڳواڻن ۽ اسٽريٽجڪ حصيدارن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪ??دو.