اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيٽ جي هائوس بزنس ايڊوائيز??ي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چيئرمي?? سينيٽ ۽ هائوس بزنس ايڊوائيز??ي ڪميٽي جي ميمبرن نگران حڪومت ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وزير جا سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪردار تي ??ور?? مڃيا. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيٽ اجلاسن کي بهتر طريقي سان هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ه?? سينيٽ ميمبرن جي سوالن کي غور سان ٻڌو ۽ انهن جا تفصيلي جواب ڏنا جنهن تي سندس ??ور??ئتا آهيون. اطلاعات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته نگران حڪومت جي بنيادي ذميواري ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ هُئي، ان مقصد جي لاءِ سموري?? سياسي پارٽين ۽ ادارن جو تعاون گهربل هو. هن چيو ته نگران حڪومت سموري?? سياسي پارٽين سان هڪ جهڙا لاڳاپا رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪنهن به پارٽي سان ڪو امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويو. هن نگران حڪومت کي هر ممڪن تعاون جي فراهمي تي سينيٽ چيئرمين ۽ سينيٽ ميمبرن جا ??ور?? مڃيا.