ڪوئيٽا-08 فيبروري (اي پي پي) بلوچ??تا?? جي ??گران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل ??اح??ت نسيم احمد خان خميس ڏينهن سي ايم ايڇ اسپتال جو دورو ڪيو جتي هنن قلعه سيف الله ۽ پشين بم ڌماڪن ۾ زخمي ماڻهن جي عيادت ڪئي، نگران وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر علاج هيٺ ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، بعد ۾ نگران وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ۾ قائم هڪ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو ۽ پولنگ اسٽاف ۽ ووٽرن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ٻنهي عهديدارن پاران چونڊن لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.