اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي)پاڪستان موغاديشو ۾ ملٽري ب??س تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس م??ن جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان موغاديشو ۾ ملٽري ب??س تي گڏيل عرب امارتن جي ملٽري ٽرينرز ۽ تربيت هيٺ صومالي سپاهين جي تربيتي ڪيمپ تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي گڏيل عرب امارتن ۽ بحرين جي عوام، حڪومت ۽ متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي جي واقعن خلاف صوماليه جي حڪومت سان گڏ آهي.