اسلام آب??د – 27 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مرضن جي اعلان کان وڌيڪ بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بيمارين جو علاج مهانگو آهي، صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، ??يمارين کان بچاءُ سان ملڪ جي صحت جي نظام تي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي، ماڻهن ۾ احتياطي تدبيرن ??اب?? ش??ور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (پناهه) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. پناهه جي صدر ميجر جنرل (ر) مسعود الرحمان ڪياني صدر کي غيرمتعدي بيمارين ۽ دل جي مرضن جي حوالي سان پناهه جي ڪردار ??اب?? بريفنگ ڏني. صدر چيو ته غيرمتعدي مرضن ۽ دل جي مرضن جي روڪٿام لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ ميڊيا، مقامي آب??دي، مسجدن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ??گاهي پيغام وڏي پئماني تي ماڻهن تائين ??هچائڻ جي لاءِ جديد پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آندو وڃي. وفد صدر کي مختلف بيمارين ??اب?? آگاهي، ڪنٽرول ۽ تربيت جي حوالي سان پناهه جي سرگرمين ??اب?? ٻڌايو ته پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ??ناهه عوامي آگاهي جي لاءِ مختلف پليٽ فارمز جو استعمال ڪري رهي آهي، پناهه هيستائين آگاهي واڪس، سيمينارز، ليڪچرز ۽ تربيتي سيشنز جو اهتمام ڪري چڪي آهي، پناهه صحتمنداڻي سرگرمين ۽ طرز زندگي ??اب?? به آگاهي پيدا ڪري ٿي. وفد صدر کي پناهه جي سرگرمين ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان رپورٽ پڻ پيش ڪئي. صدر بيمارين خاص طور تي دل جي مرضن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پناهه جي ڪردار کي ساراهيو.