ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سا?? جي بجيٽ جي تياري ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ??ه ملڪ جو معاشي استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي، معيشت جي بحالي جي لاءِ وفاق ?? صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ??نڌ ۾ وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سا?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي ?? صوبائي وزير ۽ لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي جي لاءِ وفاق ?? صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي، پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي متحد ٿي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، ملڪ جو معاشي استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي، سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي ۾ پا??ي جي پهچ جي پراڻي مسئلي جو جلد کان جلد حل ڳوليو وڃي. هن لاڳاپيل وفاقي ?? صوبائي وزيرن کي سنڌ حڪومت جي مالي ۽ اقتصادي ۽ ٻين مسئلن جي پائيدار ??ل ڳولڻ ۽ ايندڙ سا?? جي بجيٽ جي تياري ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ وفاقي حڪومت جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم کي سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ۽ نجي حصيداري تحت ٺهندڙ ڪامياب منصوبن جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڻي وسيلن، مواصلات، اوڳاڙين، توانائي ۽ ٻين شعبن جي حوالي سا?? پڻ بريفنگ ڏني وئي.