اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج جي جوانن صوبيدار ياسر شڪيل ۽ سپاهي طاهر نواز جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزي?? چيو ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگردي جون ب??دل??ڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزي?? چيو ته ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪ??هن به ڪوشش کي سختي سان منه?? ڏنو ويندو. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ ۽ قوم جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا.