اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي وزيراعظم هائوس پُهچڻ تي هٿياربند فوج جي دستي معزز مهمان کي گارڊ آف ??نر پيش ڪيو. وزيراعظم هائوس ۾ ايراني صدر جي اچڻ تي باضابط آجياڻي واري تقريب ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر جي شاندار آجيان ڪئي جنهن کانپوءِ کيس گارڊ آف ??نر پيش ڪيو ويو. ايراني صدر گارڊ آف ??نر جو معائنو ڪيو. ان ??وقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو ايران جي صدر سان تعارف ڪرايو ويو. ايراني صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن کي پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??تعارف ڪرايو. ايراني صدر ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف “ڌرتيءَ جي ڏينهن” جي مناسبت سان ??وٽو پڻ هنيو.