اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز ??ري?? چيو آ??ي ته حڪومت ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ چيني ڪمپني ايم سي سي ٽونگسن ريسورسز پاڪستان ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آ??ي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز ??ري?? سان چين جي ڪمپني ايم سي سي ٽونگسن ريسورسز جي وفد چيئرمين وانگ جائي چينگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چيني ڪمپني پاڪستان ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو، جيڪو وز??را??ظم شهباز ??ري?? جي قيادت ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ منرل پارڪ ٺاهڻ جي حوالي سان وز??را??ظم کي تفصيلي بريفن?? ڏني ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري جي منصوبي کان آگاهه ڪيو. وز??را??ظم چيني ڪمپني جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وز??را??ظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. چين پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي جنهن تي مون سميت پوري قوم چيني قيادت ۽ چيني عوام جي ٿورائتي آهي. وز??را??ظم چيني ڪمپني کي پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ کاڻين جي کوٽائي کان وٺي برآمدي شين جي تياري جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جي برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ معدنيات ڪڍڻ، ان جي پراسيسنگ ۽ ان جي مصنوعات کي برآمد ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري کي مڪمل سهولت ڏني ويندي. وز??را??ظم لاڳاپيل وفاقي وزيرن ۽ آفيسرن کي چيني ڪمپني سان مشاورت جي هدايت ڪئي. وز??را??ظم مشاورتي عمل ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ۽ صوبي جي لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين کي شامل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.