اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ ??ان وڌ ري??يف ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وفاقي وزير عوام دوست بجيٽ جي تياري بابت وقتي صدر کي بريفنگ ڏن??. ن??ڻي واري وفاقي وزير وقتي صدر کي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن ??ان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي حڪومت جي مسلسل قدمن جو ثمر آ??ي. وقتي صدر چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ ??ان وڌ ري??يف ڏيڻ ۽ اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت آهي.