ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير پاڪستان ۽ يو اي اي جي آءِ ٽي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي رائونڊ ٽيبل سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم شهباز شريف رائونڊ ٽيبل سيشن جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي يو اي اي ۽ پاڪستاني ٽيڪ ڪمپنين جا سربراهه پڻ موجود هئا. شزه فاطمه چيو ته مختلف ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ڪري رهيا ??هيون، وزيراعظم جي هدايت تي معيشت، گورننس ۽ سوسائٽي کي ڊيجيٽلائيز ڪري رهيا ??هيون، آءِ ٽي سيڪٽر موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئ?? وڃي. هن چيو ته واڌوي??هه جي شرح ۾ اضافو ۽ ترقي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي، حڪومت سنڀاليندي ئي وزيراعظم آءِ ٽي شعبي کي پنهنجي ترجيح قرار ڏنو. ان موقعي تي پاڪستاني ۽ اماراتي آءِ ٽي ڪمپينن جي وچ ۾ ٽن معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.