اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ غيرفعال ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ب??طا??وي تعليمدان ۽ ب??طا??وي وزيراعظم جي ڊيليوري ي??نٽ جي اڳوڻي سربراهه سر مائيڪل باربر جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ب??طا??وي فارن، ڊيولپمينٽ ۽ ڪامن ويلٿ آفيس جي ڊائريڪٽر جوموئير ۽ سينيئر گورننس ايڊوائيزر نويد عزيز ۽ ميٽ ڪلينسي شامل هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ب??طا??يا جا تاريخي ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ وقت س??ن گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان ب??طا??يا س??ن پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ب??طا??يا پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، اسان ب??طا??وي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪي?? ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان غيرفعال ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته روانگي واپار ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت س??ن لاڳاپيل برآمدات جي حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت آهي. وفد کي بريفنگ ۾ ٻڌاي?? ويو ته وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي حوالي سان ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪي?? ويو آهي. سر مائيڪل باربر حڪومت جي معاشي بحالي جي پلان کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي حوالي سان صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف جي موثر قيادت ۾ پاڪستان جلد ئي معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. وفد جي ميمبرن چيو ته ب??طا??يا پاڪستان کي هر شعبي ۾ ڀرپور مدد ۽ تعاون فراهم ڪندو، پاڪستان جي ترقي اسان جي ترقي آهي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا.