آستانه – 04 – جولائي (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سر??راهي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سمٽ ۾ فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان واضح موقف اختيار ڪيو آهي ۽ عالمي برا??ري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ۾ غزه جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهيو ۽ هن عالمي برا??ري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي، انصاف جي عالمي عدالت پڻ اسرائيل جي بي رح??اڻ?? ڪاررواين کي فلسطينين جي نسل ڪشيءَ قرار ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته اسرائيل غزه ۾ ظلم ڪري رهيو آهي ۽ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهيو آهي، عالمي برا??ري غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي پهچ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن چيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته سمورن پراڻي تڪرارن جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ 37 هزار جي لڳ ڀڳ معصوم ??اڻ??ن کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي، اسرائيل پاران 20 لک فلسطينين کي بي گهر ڪيو ويو، پاڪستان فلسطين جي مسئلي جو 1967ع کان اڳ جي سر??دن جي طرز تي ٻه رياستي حل جو حامي آهي جنهن تحت فلسطيني رياست جو قيام ٿئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هجي.