راولپنڊي-10 جولاءِ (اي پي پي) دهشتگردي جي خ??تمي جي حوالي سان پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ ٻنهي م??ڪن جي پيشي??را??ي فوج جي انفينٽري رائفل ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع جي پڄاڻي واري تقريب نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر پبي ۾ منعقد ٿي. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ”انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع“ پهريون ڀيرو دهشتگردي جي خ??تمي جي شعبي ۾ منعقد ڪئي وئي. ٻن هفتن تي ٻڌل مشقون 29 جون 2024ع تي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ۾ شروع ٿيون. ٻنهي پيشي??را??ي فوجن مان هر هڪ ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. جنرل آفيسر ڪمانڊنگ 17 ڊويزن پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آمريڪي فوج جي 34 انفينٽري ڊويزن جي ڪمانڊنگ جنرل ميجر جنرل چارلس جي ڪيمپر به پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن مشقن دوران پيشي??را??ي م??ارتن جي اعليٰ ترين معيار جو مظاهرو ڪيو. انفينٽري رائفل ڪمپني ايڪسچينج جو مقصد مشقن جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ ٻنهي م??ڪن کي درپيش دهشتگردي جي دائمي خ??رن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اهم دهشتگردي جي خ??تمي جي تجربن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو. ان دائري ڪ??ر ۾ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي م??ارت حاصل ڪرڻ کانسواءِ اربن وار فيئر ۾ شامل ??ارڪ مين شپ جي م??ارت سان گڏوگڏ فني م??ارتن کي حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو ويو.