اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ عوام ۾ ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ ج??هو??يت مستحڪم ٿيندي، ينگ سٽيزن انٽرن شپ پروگرام ذريعي مستق??ل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي ملندي. ينگ سٽيزن انٽرن شپ پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پروگرام ۾ شامل سمورن ٻارن کي پارليامينٽ ۾ آجيان ڪريان ٿو. قومي اسيمبلي ۾ ٻارن جي انٽرن شپ جو بنياد 2014ع ۾ رکيو ويو، ٻارن جو انٽرن شپ پروگرام ??نهنجي دل جي تمام ??يجهو آهي، ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻنداسين. هن چيو ته خوشي آهي ته ان پروگرام ۾ ملڪ جي سمورن علائقن ۽ طبقن جي نمائندگي آهي، پارليامينٽ 25 ڪروڙ عوا?? جي دانش گاهه آهي. هن چيو ته ينگ سٽيزن شپ پرگرام ذريعي مستق??ل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي حاصل ٿيندي، پارليامينٽ ۽ عوا?? جي ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ ج??هو??يت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، اهو اطمينان آهي ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪريون. هن ٻارن کي پروگرام ۾ ڀرپور شر??ت کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڀريو.