اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول و??ري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪ??ري لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۾ ضابطي وارن سڌارن تي اثرائتي نموني عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه جيڪب ڪارڊوا اينڊ ايسوسيئيٽس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اسڪاٽ جيڪب سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. سيڙپڪ??ري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪ??ري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مجموعي ضابطا جاتي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سڌارن تي ڳالهيون ٿيون. اسڪاٽ جيڪب ريگيوليٽري نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ جامع تجويزون ڏنيون. هن ان حوالي سان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ معي??ري طريقيڪار جي تجويز به ڏني. ناڻي و??ري وزير سڌارن جي اهميت جي تائيد ڪندي انهن سڌارن تي موثر نموني عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ڳالهين ۾ انهن شعبن جو به خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو جتي ضابطا جاتي فريم ورڪ جي حوالي سان سڌارا ضرور?? آهن. ڌرين ضابطا جاتي سڌارن لاءِ ڍانچا جاتي طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.