لاهور-25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ??ار چيو آهي، ته پاڪستان دنيا ۾ واحد ملڪ آهي، جيڪو ڪلمه طيبه جي بنياد تي وجود ۾ آيو، جنهن به هن ملڪ سان غداري ڪئي بربادي ان جو مقدر بڻي، مان ڪڏهن به عهدي پٺيان ناهيان ڊوڙيو، ڪيترن ئي حڪومتي عهدن تي رهيس ۽ هم??شه ملڪ جي خدمت ڪئي. انهن خيالن جو اظهار هن حضرت داتا گنج بخش علي هجويري جي عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن محفل موسيقي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خوراڪ وارو صوبائي وز??ر بلال ياسين به ساڻس گڏ هو. ڊپٽي وز??راعظم محمد اسحاق ??ار چيو ته مون کي محمد نواز شريف جي هر حڪومتي دور ۾ ڪيترائي اهم عهدا مليا، ڪيترن ئي عهدن تي مقرر ٿيڻ تي مان پاڪستان جي ڀرپور خدمت ڪئي ۽ هم??شه پنهنجي ذاتي مفادن تي ملڪي مفادن کي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته هي هڪ روحاني ڳالهه آهي ته مان جڏهن بي ڪام جي تعليم مڪمل ڪئي، ان وقت کان وٺي اڄ تائين حضرت داتا گنج بخش جي مزار تي حاضري ڏئي رهيو آهيان، هي انهن هستين جو هڪ طرفو ڪرم آهي، باقي مان ته گنهگار ماڻهو آهيان، اها به الله تعاليٰ جي ڪرم نوازي هوندي آهي ته هڪ گنهگار کان نيڪي جو ڪم وٺي. اسحاق ??ار چيو ته حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جڏهن به ننڍي کنڊ جي ان خطي ڏانهن ڏسندو آهيان ته مون کي اتان ٿڌڙي هير ايندي محسوس ٿيندي آهي. محفل موسيقي ۾ ويٺل ماڻهن کي مخاطب ٿيندي نائب وز??راعظم چيو ته جتي اوهان اڄ ويٺا آهيو، اتي ڪيترائي فوٽ گند ڪچري جا ڍير هوندا هئ??، هتي پهرين ڪمرشل مارڪيٽ ٺهڻي هئي، پوءِ هتي مسجد تعمير ڪئي وئي ته جيئن جي ٽي روڊ کان مسجد ۾ داخل ٿيڻ ۾ آساني ٿي ??گه??.