ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان مضبوط ارادي ۽ گڏيل بصيرت سان بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين ۽ دهشتگردن کي ڪ??فر ڪردار تائين پهچائينداسين، بلوچستان ۾ پيش ايندڙ تازي دل ڏکوئيندڙ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم ڏکويل آهي، دهشتگردي جي ڪڌي منصوبي تحت بيگناهه پاڪستانين جو رت وهائيندڙ خارجي ??هشتگردن کي چيڀاٽيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي ??وبائي ايپڪس ڪميٽي جي ??جلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بلوچستان جو گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جو وڏو وزير مير سرفراز بگٽي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله ??ارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ڪور ڪمانڊر بلوچستان راحت نسيم احمد، چيف سيڪريٽري شڪيل قادر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 26 آگسٽ تي بلوچستان ۾ دهشتگردي جو جيڪو واقعو پيش آيو اهو انتهائي دل ڏکوئيندڙ آهي، ان واقعي سان پوري پاڪستان جي ??وام ۾ ڳڻتي جي لهر آهي، ان افسوسناڪ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم ڏکويل آهي پر اسان واضح ڪريون ٿا ته اسان گڏيل بصيرت ۽ مضبوط ارادي سان بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، بلوچستان پاڪستان جو هڪ اهم ۽ خوبصورت صوبو آهي جنهن جي ??رقي ۽ خوشحالي جي ??ستي ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ خارجي ??نصرن دهشتگردي جو منصوبو ٺاهيو ۽ بيگناهه پاڪستانين جو رت وهايو جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ايف سي، ليويز اهلڪارن سميت عام شهري شامل آهن پر شهيدن جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته الله ??عاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪ فوج، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون سان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائيندي، دهشتگردي پوري پاڪستان ۾ 2018ع کانپوءِ جيڪو ٻيهر ڪَر کنيو آهي ان کي چيڀاٽيو ويندو، پاڪستان جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سڀني کي گڏجي ??ڳتي وڌڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته قائداعظم محمد علي جناح، علامه محمد اقبال جي ??اهه تي هلندي ملڪ جي ??ستحڪام جي لاءِ پنهنجي ??انين جا نذرانا پيش ڪندڙن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته مضبوط ارادي سان گڏيل ڪوششن سان دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين.