اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي گي??اني جي ٽئي?? ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شڊيد ۽ بي پناهه مشڪلاتن ج?? باوجود ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ سيد علي گي??اني جو پختو عزم بي مثال هو. ترجمان چيو ته سيد علي گي??اني ڪشميرين ج?? خودمختياري جي حق جي جدوجهد جو سچو آواز هو جيڪو ڊگهي عرصي تائين گهر ۾ نظربند رهڻ کانپوءِ پهرين سيپٽمبر 2021ع تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. هن چيو ته اسان انصاف ۽ آزادي جي لاءِ سيد علي گي??اني جي سڄي زندگي جي جدوجهد کي زبردست خراج تحسين ۽ سندس ياد کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ج?? سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪريون ٿا.