اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ ??رڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 4 کان 8 سيپٽمبر تائين برطانيا جو سرڪاري دورو ڪندو. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ برطانوي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات ڪندو. هو برطانيا جي پ??ڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊيوڊ ليمي سان پڻ تفصيلي مُلاقات ڪندو. بيان موجب نائب وزيراعظم برطانيا جي پا??ليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.