اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان ٻاهرئين جارحيت جي خلاف ملڪ جو دفاع ڪرڻ ۽ عظيم قربانيون ڏيندڙ غازين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هي ڏينهن اسان کي پنهنجي خودمختياري جي دفاع طرف پختي قومي عزم جي ياد ڏياري ٿو، آئون هن سرزمين جي انهن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جو دشمن جو خواب ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي 6 سيپٽمبر 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان جي هٿياربند فوج قومي خودمختياري ۽ ملڪي سالميت کي درپي?? ڪنهن به چئلينج جو جواب ڏيڻ جي لاءِ چوڪس ۽ هر وقت تيار آهي، اسان جي فوج مناسب دفاعي ساز ۽ سامان سان ليس آهي، گهربل پيشيواراڻي مهارت رکڻ ۽ ملڪ کي سمورن چئلينجن کان بچائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ سمورن پاڙيسرين سان پرامن گڏيل بقاءَ جا خواهشمند آهيون جڏهن ته ??شم??ري عوام جي خراب حالت جو ازالو ڪري ئي خطي ۾ پائيدار امن ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، ننڍي کنڊ جي اڻ مڪمل ورڇ جي ڪري ??شم??ري عوام کي ڀارتي هٿياربند فوج جي هٿان غي??قا??وني قبضو ۽ دهشتگردي درپيش آهي، غي??قا??وني طور تي ڀارتي قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جي خودمختيار حيثيت جي خاتمي ان مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، ڀارت ??شم??ري عوام جي خودمختياري جي حق بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. هن چيو ته اڄ پاڪستان کي ڪيترائي خطرا ۽ سيڪيورٽي چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرائڻ جي لاءِ دشمن ملڪ پاڪستان مخالف عنصرن جي حمايت ڪري ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، انهن چئلينجز جي ڏس ۾ اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار آهن، اسان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهيون. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي بهادر فرزندن جي عزم، سگهه ۽ حب الوطني جي جذبي جي ياد ملهايون ٿا، اڄ اسان وطن جي دفاع جي مقدس فرض جي تڪمي?? ۾ ??ٿياربند فوج سان پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو وچن ڪريون ٿا، الله تعاليٰ پاڪستان جي حفاظت فرمائي ۽ اسان کي امن ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن فرمائي.