اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آه?? ته خاتم النبين حضرت محمدﷺ صرف مسلمانن لاءِ ئي نه پر پوري انسانيت ۽ سموري ڪائنات لاءِ رحمة للعالمين بڻائي ڪري موڪليا ويا هئا، اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ اسوة حسنه رسولﷺ جي پيروي اڻٽر آه??. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين عيد ميلادالنبيﷺ جي برڪتن ڀرئي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سڄي عالم جي مسلمانن ۽ خاص طور تي سمورن پاڪستانين کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ??ندي الله تعاليٰ کان دُعا ڪئي ته ان بابرڪت ڏينهن جي فضيلت ۽ سعادت سان هر مسلمان جو دل نُور سان ڀري ڇڏي ۽ پياري وطن کي ان مقدس ڏينهن جي نسبت سان پنهنجي رحمتن ۽ برڪتن سان مالامال ڪري. ان لحاظ کان 12 ربيع الاول جو ڏهاڙو اسلامي تاريخ جو ئي نه پر پوري ڪائنات ۽ انسانيت لاءِ رحمتن ۽ برڪتن وا??و ڏينهن آه??. هي ڏينهن پوري انسانيت کي نسلي، علائقائي، طبقاتي، لساني ۽ جاگرافيائي تعصبن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي امن ۽ محبت ۽ وحدت ۽ توحيد جو درس ڏئي ٿو. اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ اسوة حسنه رسولﷺ جي پيروي اڻٽر آه??، ڇاڪاڻ ته اسان جي بقا ديني ۽ دنياوي جي ڪاميابيءَ جو دارومدار اسوة حسنه جي مڪمل پيروي تي آه??. اڄ برڪتن وا??و ڏينهن ملهائڻ جو احسن طريقو اهو آه?? ته اسان پنهنجي ڪردار، ڳالهه ٻولهه، اخلاق ۽ عمل سان اهو ثابت ڪريون ته اسان رحمة للعالمين جا اُمتي آه??ون ۽ پياري پيغمبر حضرت محمدﷺ جي تعليمات تي عمل ڪندي پنهنجي اندر اتحاد ۽ اتفاق، گڏيل محبت ۽ رواداري ۽ احساس ۽ ذميداريءَ جهڙا ناياب گُڻ پيدا ڪريون جيڪي اسان جي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي، بقا ۽ پوري دنيا ۾ ترقيءَ لاءِ راهون هموار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن. مان ان مقدس ۽ برڪتن واري ڏهاڙي جي مناسبت سان سمورن شهيدن، غازين ۽ مجاهدن کي به خراجِ عقيدت پيش ??رڻ چاهيان ٿو جن وطن عزيز جي حفاظت لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون. حضور اڪرمﷺ جي زندگي انسانيت لاءِ مشعل راهه ۽ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضمانت به. مان الله تعاليٰ در دُعاڳو آه??ان ته اسان کي پنهنجي زندگي نبي اڪرمﷺ جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ گذارڻ جي توفيق عطا فرماءِ. آمين