نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسان پارليامينٽ جي بالادستي تي يقين رکون ٿا، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيا جنهن ۾ سوال اٿاريو ويو ته هڪ اهڙي پارٽي جنهن جو ??ارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هجي، ان کي ڪهڙي طرح مخصوص سيٽون ڏئي سگهجن ٿيون، آزاد اميدوارن کي ٽن ڏينهن جي اندر ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ??رڻي هوندي آهي، تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ??ئي جنهن جو ??ارليامينٽ ۾ وجود ۾ ئي نه هو، سلمان اڪرم راجا انتهائي عجيب بيان ڏنو آهي، معزز ججن بابت وڪيلن کي اهڙي ڳالهه ٻولهه کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جهڙي انداز ۾ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، ان ۾ تمام گهڻو ابهام موجود آهي، مخصوص سيٽن تي آئيني ۽ قانوني سوالن جو جواب اچڻ ضروري آهي. خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تازن ڏينهن ۾ پارليامينٽ جي بالادستي جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا آهن، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيا ۽ چيو ته اهڙي سياسي پارٽي کي ڪهڙي طرح مخصوص سيٽون ڏئي سگهجن ٿيون جنهن جو ??ارليامينٽ ۾ وجود ئي نه آهي، قانوني طور تي انهن کي مخصوص سيٽون نه ٿيون ڏئي سگهجن. وفاقي وزير چيو ته رولز اڳ ۾ ئي موجود هئا، پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪئي جنهن موجب ڪو به آزاد اميدوار ٽن ڏينهن جي اندر ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ??ري سگهي ٿو. ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ??رڻ جي لاءِ جمع ڪرايل حلف ??امن جي خلاف ورزي فلور ڪراسنگ تصور ٿئي ٿي. هن چيو ته تحريڪ انصاف وٽ چوائس موجود هئي، تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ??ري غلطي ڪئي ڇو ته سني اتحاد ڪائونسل جو ??ارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو، تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ موجود ايم ڊبليو ايم کي به جوائن ڪري سگهي پئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ان غلطي کي ڪهڙي طرح درست ڪري سگهجي ٿو، ڇا انهن ماڻهن جيڪي حلف ??اما جمع ڪرايا ڇا اهي ڪوڙا هئا؟ ڇا پارٽي تبديل ڪرڻ جي گنجائش هر ڪنهن کي ميسر رهندي؟ جنهن جي دل چاهي اهو حلف ??امو منسوخ ڪري پارٽي تبديل ڪري سگهي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا معزز جج بابت عجيب بيان ڏنو آهي، معزز ججن بابت وڪيلن کي اهڙي ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ان جي بيان ۾ حقيقت آهي ته ان جي باقاعده وضاحت اچڻ گهرجي، اها وڏي حيرانگي جي ڳالهه آهي ۽ سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ليڊر آن ايئر اها ڳالهه ڪيئن ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ اسپيڪر جي ڪردار ??ي ساراهيون ٿا، ان معاملي تي اسپيڪر سان گڏ ب??ٺل آهيون ته قانونسازي کي اوور رول ڪري فلور ڪراسنگ جي اجازت ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ هن چيو ته اسپيڪر جيڪو سوال اٿاريو آهي اهو قانوني ۽ آئيني سوال آهي. ان کانسواءِ جسٽس يحييٰ آفريدي جي اختلافي نوٽ جي اندر وڏا اهم نقطا اٿاريا ويا آهن ۽ باضابطا طور تي چيو ويو آهي ته هڪ پارٽي جيڪا ٻڌڻي ۾ ڌر ئي نه هئي، نه ئي ان درخواست ڏئي رکي هئي، ان کي ڪهڙي طرح ريليف ڏئي سگهجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو وڏو اهم ۽ آئيني سوال آهي ته ڪير ڌر نه هجي ۽ ريليف نه گهريو وڃي ۽ ان کي ريليف ڏنو وڃي، جهڙي انداز سان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، ان ۾ تمام گهڻو ابهام آهي، ان جو جواب اچڻ ضروري آهي.