اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي موقعي تي پي ٽي آءِ پاران احتجاج جو اعلان رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. آچر ڏينهن ??نهنجي بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ ??و احتجاج رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي او) ڪانفرنس کي متاثر ڪرڻ جي ڌمڪي آهي جتي 200 وفد پ??ڪس??ان ۾ موجود هوندا. هن چيو ته اها ڪانفرنس قوم لاءِ گهڻي اهم آهي ڇو ته ان تي ملڪي معيشت ۽ مستقبل جو انحصار آهي. طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ ??اني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ وي آءِ پي قيدي آهي، جيل ۾ ملاقاتون ڪن??و آهي ۽ خصوصي مراعتون به حاصل ڪن??و آهي.