اسلام ??باد-21 آڪٽوبر (اي پي پي ) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌودري??هه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 34هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 42 هزار ڪيوسڪ رهيو.ڪابل دري??هه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو به 15 هزار 300 ڪيوسڪ ريڪاڊ ڪيو ويو.خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 300 ۽ ڇوڙ 16 هزار 300 ڪيوسڪ رهيو. جڏهن ته جهلم دري??هه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 32 هزار ڪيوسڪ رهيو، چناب دري??هه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 13 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 500 ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1535.27 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪ??ڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.931 مل??ن ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊي ۾ گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1197.35 فوٽ آهي جڏهن ته پاڻي ذخيرو ڪ??ڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.091 مل??ن ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.