اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 77 سال اڳ اڄوڪي ڏي??هن ڀارت سرينگر تي پنهنجي فوج لاٿي ۽ ڄمون ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو، ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ ڏنل قربانين کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، بنا شڪ جي اهي قربانيون رائيگان نه وينديون، ڀارتي قابض فوج دهشتگردي جي سخت قانونن جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏي??هن جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع کان ڪشميري عوام جي خود اراديت جي جائز خواهش کي دٻايو آهي، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ??رڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ماڻهن گذريل 77 سالن ۾ وڏ??ن مشڪلاتن کي م??هن ڏنو آهي، ت??هن هوندي به فتح نه ٿيڻ جوڳي خود اراديت واري حق کي حاصل ??رڻ جي سندن عزم هاڻي به ايترو ئي پختو آهي جيترو 1947ع ۾ هو. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏي??هن ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي مسلسل جدوجهد ۾ ڏنل قربانين کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. محمد شهباز شريف چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع سان والاريل ڄمون ڪشمير تي پنهنجي گرفت مضبوط ??رڻ لاءِ هڪٻئي پٺيان قدم کڻي رهيو آهي. ڀارت جي ناپاڪ ارادن جو مقصد والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ??رڻ جي سندن جمهوري حق کان محروم ??رڻ آهي. اڄ ڪشميري عوام پنهنجي روزمره جي زندگي ۽ معاش تي سخت ترين ۽ تڪليف ڏيندڙ پابنديون برداشت ڪري رهيا آهن. سياسي قيدين جو انگ هزارن ۾ آهي. ڀارتي قابض فوج دهشتگردي جي خاتمي جي سخت قانونن جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي. ت??هن هوندي به اهي جابراڻا قدم ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي تڙپ کي گهٽ نٿا ڪري سگهن. جيئن ته مون تازو ئي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ هڪ دفعو ٻيهر اهو واضح ڪيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام ۽ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل صرف ۽ صرف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد سان ئي ممڪن آهي. ڀارت کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته هو پنهنجي جابراڻي حربن سان ڪشميري عوام جي حقيقي امنگن کي دٻائي نٿو سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حتمي حل تائين ا??هن جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.