اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف ٻن مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت خوارج دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ فتن الخوارج جي مڪمل خ??تم?? تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون جار?? رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.