اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ترڪيه جي جمهوري ڏهاڙي تي ترڪ حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ترڪيه سدا??ين مسلمان امت ??ي اهم مسئلن تي آواز اٿاريو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ترڪيه جي 101هين جمهوري ڏهاڙي تي مبارڪباد جي پيغام ۾ چيو ته ترڪيه گذريل هڪ ??دي??َ ۾ مختلف شعبن ۾ مثالي ترقي ڪئي آهي، اميد آهي ته ترڪيه صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪندو. صدر چيو ته پاڪستان ترڪيه ??اڳاپا گڏيل تاريخ، قدرن تي ٻڌل آهن. صدر آصف ??لي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ??شڪل وقت ۾ سدا??ين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا ۽ پاڪ ترڪيه ??اڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيندا پيا وڃن.