اسلام آباد-07 ن??مب?? (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻ?? تنوير حسين چيو آهي ته مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه شگر ايڊوائيزي بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان به شريڪ هو. اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ملڪ ۾ کنڊ جي ذخيري جي مجموعي صورتحال جو جائزو ويو ۽ ايندڙ سيزن لاءِ ڪمند جي فصل جي ڪ??ٿي جو به جائزو ورتو ويو. پڌرائي موجب ايندڙ پيڙهائي سال ۾ کنڊ جي مجموعي ذخيري جي پوزيشن جو به جائزو ورتو ويو. بورڊ مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي موجوده قيمتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سموريون شگر ملون 21 ن??مب?? کان پيڙهائي شروع ڪنديون. 21 تاريخ تائين پيڙهائي نه ڪندڙ ملن خلاف ڪارروائي ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته آبادگارن جون سموريون ادائيگيون پيڙهائي جي سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيون وڃن ۽ جيڪي به ملون آبادگارن جون رهتون ادا نٿيون ڪن انهن کان روانگي واپار جي اجازت واپس وٺنداسين. راڻ?? تنوير حسين چيو ته جيستائين روانگي واپار جي پهرين ڪوٽا مڪمل نه ٿيندي وڌيڪ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. پڌرائي موجب پي ايس ايم اي وڌيڪ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت گهري هئي.