ڪراچي -26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ??رداري اسلام آباد ۾ شاهراه سرينگر تي رينجرز اهلڪارن تي ح??لي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان مطابق پي پي پي چيئرمين چيو آهي، ته امن و امان جي قيام لاءِ اسلام آباد ۾ موجود پوليس ۽ سيڪي??رٽ?? فورسز کي نشانو بڻائڻ کليل دهشتگردي آهي. هن مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۾ رينجرز ۽ پوليس تي ح??لن ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بلاول ڀٽو ??رداري اسلام آباد ?? شهادت جو مرتبو ماڻيندڙ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو قوم جا بهادر پٽ هئا. هن شهيد اهلڪارن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. هن زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. هن چيوته ڪنهن جي به ??رامن احتجاج جي ح??، شرپسندي ۽ دهشتگردي بابت پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي.