اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئ??ني بينچ اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن کان جاري پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حوالي سان خبرن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي درخواست ??د ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئ??ني بينچ متفرق درخواستن ۽ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي و??يل ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ جي درخواست تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي. بابر اعواڻ عدالت آ??و گذارش ڪئي ته فاٽا پهريان ئي خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن ڪارروائي جي ضرورت ناهي. وڊ??و لنڪ ذريعي مون موجود ڪي پي جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي گذارش ڪئي ته طاقت جي استعمال تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته آئ??ني بينچ کي ايئن ڪرڻ جو اختيار آهي. تنهن هوندي به عدالت ان درخواست کي ??د ڪندي چيو ته اهو معاملو عدالت آڏو ناهي. جسٽس مسرت هلالي عدالت کي سياسي معاملن ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش تي ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي تنبيهه پڻ ڪئي.