اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل قومي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوابدار ارشد مجيد چوڌري سميت 5 جوابدارن ک?? 14 ??ينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (??يف آءِ اي) اي پي پي جي اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد، سندس پٽ تيمور ارشد، سعد يوسف، قيصر جواد ۽ فواد خان کي عدالت ۾ پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کان ريڪوري ڪري ورتي آهي، جوابدارن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو وڃي. اي پي پي ليگل ايڊوائيزر خرم بيگ موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جي قبضي مان رڪارڊ برآمد ??را??ڻ گهربل آهي، جوابدارن کي جسماني ريمانڊ تي ??يف آءِ اي جي حوالي ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي پنجن ئي جوابدارن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ??يف آءِ اي اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور جي عدالت مان جوابدارن جون عبوري ضمانتون رد ٿيڻ تي عدالت جي ڪمري ٻاهران جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو. ??يف آءِ اي قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ جوابدارن تي ??يف آءِ آر داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي هئي.