پشاور-20 ڊسمبر(اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ??نڊ?? چيو آهي ته ملڪي امن استحڪام ۽ ترقي ۾ مسيحي برادري سميت سموريون اقليتون ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ مسيحي برادري جون خدمتون قدر جوڳيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊورڊز ڪاليج پشاور ۾ ڪرسمس جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب دوران ڪيو. گورنر هائوس پشاور مان جاري ڪيل بيان موجب تقريب ۾ بشپ همفري سرفراز پيٽر، پرنسل پروفيسر شجاعت علي، ايڊورڊ?? ڪاليج جي شا??ردن، فيڪلٽي ميمبرن سميت مسيحي برادري جي عورتن ۽ مردن سميت ٻارن جو پڻ وڏو تعداد موجود هو. گورنر فيصل ڪريم ??نڊ?? تقريب ۾ ايڊورڊ?? ڪاليج جي انتظاميا سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون.تقريب ۾ قومي تراني ۽ ڪرسمس جي حوالي سان مسيحي برادري جي خاص دعا ۽ ڪرسمس جو گانو پڻ ڳايو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته شا??رد مستقبل جي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد تعليم تي ڌيان ڏين ڇاڪاڻ ته اڄ جي دنيا ۾ علم ئي طاقت آهي توهان لاءِ اهو ضروري آهي ته پاڻ کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي منظر نامي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ضروري مهارتن سان آراسته ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود اقليتن کي پاڪستان جي آئين تحت مڪمل حقن جي ۽ مذهب?? آزادي حاصل آهي. ايڊورڊ?? ڪاليج ۾ هلندڙ سال اقليتي شا??ردن ۽ شا??ردياڻين لاءِ 25 وظيفا (اسڪالرشپ ) مختص ڪيون ويون آهن. ايڊورڊ?? ڪاليج صوبي جي تاريخي تعليمي درسگاه آهي. ايڊورڊ?? ڪاليج جي تعليمي ۽ تاريخي حيثيت برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکندس.