اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) سپ??يم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ فوجي ع??التن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل کي فوجي ع??التن جي حوالي سان انٽرنيشنل پريڪٽسز بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپ??يم ڪورٽ آف پاڪستان جي 7 رڪني آئيني بينچ ڪالهه فوجي ع??التن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس جما?? مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمدعلي مظهر ۽ جسٽس شاهد حسن بلال شامل آهن. ٻُڌڻيءَ جي شروعات تي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل فوجي ع??الت ۾ شهرين جي ڪيسن جي ٻُڌڻي بابت سپ??يم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻُڌايو. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته موجوده ڪيس ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه جا ملزم فوجي ناهن، کين شهري چئي سگهجي ٿو، ڇا انهن ??ي آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلائي سگهجي ٿو؟ جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جو آئين معطل ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته قانونسازيءَ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. چيو وڃي ٿو ته پارليامينٽ سپ??يم آهي پر بالادستي آئين جي آهي. عدالت درخواست جي ٻُڌڻي صبح 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي وڪيل کي چيو ته هو عدالت کي فوجي ع??الت بابت انٽرنيشنل پريڪٽسز تي بريفنگ ڏي.