اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن جي خلاف جهاد ۾ پوري قوم شريڪ آهي، ماضي ۾ اهو پسئو جيڪو عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيڻو هو، مني لانڊرنگ جي ذريعي ٻاهر کڻي وڃ?? محلاتون ٺاهيون ويون، ڪڪ بيڪ?? ۽ ??ميشن جي لاءِ اهڙا منصوبا شروع ڪيا ويا جنهن جي ضرورت ئي نه هئي، ڪرپٽ قومون ڪڏهن به ترقي نٿيون ڪري سگهن، ڪرپش?? سان ملڪي ترقي ۽ معيشت متاثر ٿيندي آهي ۽ عوام جي زندگي جون ضرورتون مهانگيون ٿي وينديون آهن، ڪرپٽ معاشرن ۾ سيڙپڪاري ناهي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنجاب حڪومت طرفان اينٽي ڪرپشن ايپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.