اس??ام آباد – 13 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ 9 مئي کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو، صوبائي چيف سيڪريٽرين پنهنجي صوبن ۽ علائقن ۾ ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) جي خاتمي جي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد جي حوالي سان فورم کي اڳڀرائي کان ??گاهه ڪيو، وفاقي وزير اسد عمر صوبن کي هدايت ڪئي ته ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي عوام جي صحت ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن وبا جو وڌيڪ ڦهلاءُ روڪي سگهجي، ??نف??ادي ذميواري ئي گڏيل صحت، تحفظ ۽ ڪوويڊ 19 کان ??چاءُ جو واحد ذريعو آهي. اين سي او سي موجب اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي.