اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سوشل ميڊيا ۾ صوبن ۾ گورنر راڄ جي حوالي سان گردش ڪ??دڙ افواهن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي. هڪ صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته اها ملڪ دشمن عنصرن جي پر??پئگنڊه آهي. حڪومت هن وقت ڪورونا سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڀرپ??ر ۽ ڪامياب ڪوشش ڪري رهي آهي.