??سل??م آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته ترقي يافته ملڪن وانگر لاڪ ڊائون نه ٿا ڪري سگهون، هڪ طرف ڪورونا ٻئي طرف ان جا معاشي اثر آهن، اسان کي ٻنهي کي منهن ڏيڻو آ??ي، پاڪستان ۾ لاڪ ڊائون سبب اڍائي ڪروڙ ماڻهن جو روزگار سخت متاثر ٿيو جيڪي ڏهاڙي يا هفتي جي آمدني تي گذارو ڪن ٿا، سومر ک??ن رجسٽرڊ بيروزگارن کي به منهنجي فنڊ م??ن روڪ رقم ملڻ شروع ٿي ويندي، مستحقين کي 12 هزار جي امداد اڳ ۾ ئي جاري آ??ي، صوبا ٽرانسپورٽ کولي ڇڏين ڇو ته ان سان غريب ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، حالتون ڪنٽرول ۾ آهن پر ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ جو خدشو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو.