اسلام آباد – 29 مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پمز آئسوليشن سينٽر جي ڪمرن جو تعداد وڌائي 30 ڪي?? ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال جي آئسوليشن سينٽر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پمز اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ آئسوليشن سينٽر جا انتظام اطمينان بخش آهن، هن چيو ته آئسوليشن سينٽر جي ڪمرن جو تعداد 10 مان وڌائي 30 ڪي?? ويو آهي جڏهن ته ٻين سهولتن ۾ به اضافو ڪيو پيو وڃي.