اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشميرين جي حمايت ۽ ڀارتي ڏاڍ ۽ استحصال جي خلاف جرئتمنداڻو آواز بلند ڪرڻ تي مل??ئي??يا جي اڳوڻي و??ير??عظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جا ٿورا مڃيا آهن. پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ و??ير??عظم عمران خان چيو ته آئون 8 آگسٽ تي مل??ئي??يا جي اڳوڻي و??ير??عظم ڊاڪٽر مهاتير محمد پاران ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدم کي اجاگر ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃان ٿو. ڊاڪٽر مهاتير محمد ٽوئيٽر تي پن??نج?? پيغام ۾ به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ گذريل سال پن??نج?? خطاب جو دفاع ڪندي چيو ته ڀارت جي ردعمل ۽ پام آئل جي درآمد متاثر ٿيڻ جي باوجود هو ڀارت جي قدمن جي خلاف ڳالهه ڪندو ۽ ڀارت جي ناانصافي تي آواز بلند ڪرڻ جي قيمت اد?? ڪ??ڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس ڀارت جي خلاف ڳالهه ۾ ڪا شرمندگي نه آهي.