رپورٽ: ڪريم ڏنو راهمون
دُنيا اڄ سياحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي جڏهن ته وڏي وقت کانپوءِ اڻميُون برساتُون وسڻ کانپوءِ دُنيا جو سڀ کان وڏو سياحتي ما?? مارئي جو ديس ٿر سياحن جي آمد جي ڪري ٻهڪي پيو آهي. جڏهن ته سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٿر جا ٿوهر سياحن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ ڄڻ ته ٻانهُون کولي بيـٺل آهن
۽ ٿر واسيءَ خو???? مان ٻهڪي رهيا آهن، ٿرپاڪر پاڪستان جو ريگستاني علائقو آهي جنهن جو دارو مدار برساتن تي آهي۔ ان جي ڪري عام چوڻي آهي ته “وسي ٿر نه ته بر ئي بر” اهو بر سٺيون برساتون وسڻ کانپوءِ ڪوهه مري کان به وڌيڪ حسين ٿي پيو آهي ۽ وڏي وقت کانپوءِ حسين ٿر بڻجي سياحن جي اکين کي آٿتُون ڏيئي رهيو آهي ۽ تل ترايون ڀرجي ويون آهن
ٿر ۾ وقت تي سٺيون برساتون نه پوڻ جي ڪري ڏڪار منهن ڪڍندو آهي ۽ ٿر واسين جون زندگيون مفلوج بڻجي وينديون آهن ۽ ٽهڪن ۽ خو??ين بدران مختلف بيماريون واسو ڪري وينديُون آهن، جنهن جو اڪثر شڪار عورتُون ۽ ٻار ٿيندا آهن، برساتون نه پوڻ جي ڪري اناج ۽ گاهه نه ٿيندو آهي جنهن جي ڪري کاڌي خو??اڪ ۽ کير جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي۔ انسانن ۽ جانورن کي گهربل کاڌو نه ملڻ ڪري ڀٽن جي ڀر ۾ مُئل مال ڏسي اکين جا سمُورا خو??ب لُڙهي ويندا آهن، پر جڏهن ٿر تي برساتون پونديون آهن ته ٿري ما??هن جا چهرا ٿرجي پياسي زمين سان گڏ ٻهڪي پوندا آهن، جهمريون هڻي برساتن جي آجيان ڪندا آهن، برساتن جي وسڻ کان پو۽ ٿر جي اڃايل زمين به جيڪا بيابان ڏسڻ ۾ ايندي آهي اها سائي چادر سان ڍڪجي ويندي آهي ۽ خو??صورت دل کي وڻندڙ نظارا ڏسڻ وٽان هوندا آهن
ٿر جون ٻنيون به برسات تي ٿينديون آهن، جنهن ۾ ٿر جا ما??هو فصل خاص ڪري گوار، ٻاجهري پوکيندا آهن سٺي برسات پوڻ سان فصل به سٺا ٿيندا آهن ۽ سياحن جي آمد سان هر طرف رونقُون لڳي وينديُون آهن.
گڊي ڀٽ ۽ ڪارونجهر جبل سميت ٿر جا سياحتي ما?? جيڪي برسات کانپوءِ سرها لڳڻ ??ڳندا آهن
ٿرپارڪر ۾ برسات پوڻ کان پوءِ سياحتي ما??، ڪارونجهر جبل
ڀوڏيسر جي مسجد، مارئي جو کوهه، گوڙي مندر، ساردڙو مندر، تروٽ جي چوٽي، ننگرپارڪر ۾ پاڻي جا ڊيم، راڻاسر ترائي، پاٻوهر جي ترائي، مٺي شهر ۾ پڪنڪ پوائنٽ گڊي ڀٽ سميت ٻين هنڌن جي سونهن ڏسڻ وٽان هوندي آهي۔، جتي برساتون پڻ کان پو۽ پوري ملڪ مان هزارن جي تعداد ۾ سياح تفريح ڪرڻ جي لا۽ ايندا آهن، انهن هنڌن تي محفل موسيق?? مان به سياح لطف اندوز ٿندا آهن، انهن هندن تي به ٿر جا ما??هو مختلف ڪاروبار ڪري روزگار ڪندا آهن۔
ٿر ۾ برساتن جي خو??ي ٿر ج?? مالوندن کي عيد کان به وڌيڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته عيد جي خو??ي صرف هڪ ڏينهن ۽ برسات پوڻ جي خو??ي پورو سال محسوس ٿيندي آهي، ٿر جي ما??هن جو گذر سفر برسات تي آهي.
جيڪڏهن برسات نه پوي ته پورو ٿر ويران ۽ بيابان جو ڏيک ڏيندو آهي ۽ جي اڻمئي برسات پوڻ تي ٿر بر بدران ڪوهه مري کان به وڌيڪ حسين ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن سان ٿر ج?? مالوند ما??هن کي جيڪا خو??ي محسوس ٿيندي آهي ان جو اندازو بيان ڪرڻ کان به وڌيڪ هوندو آهي، برسات جي موسم ۾ ٿر جو هر ما??هو پاڻ کي امير سمجهندو آهي ۽ برساتن کي ڏکن ۽ قرض جي خاتمي جو اعلان سمجهندو آهي.