حسن ابدال – 06 نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن کي ٻاهران قرض نه گهرڻا پون، معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ايم ايل ون جي صورت ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو چين وڏ?? سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، پاڪستان سياحت جي حوالي سان وڏ?? مرڪز بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار حسن ابدال ۾ ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ??زي??اعظم چيو ته نئين پاڪستان ۾ ريلوي جي وڏ?? اهميت آهي ڇو ته ريل جي ذريعي عام ??اڻهو سستو ۽ آرامده سفر ڪندو آهي. سڄي دنيا ۾ ريل جو سفر بهترين ذريعو آهي، ??زي??اعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته انگريزن جي ڏنل ريلوي نظام کي ترقي نه ڏني وئي، ان کي توسيع ڏيڻ بدران ان ۾ 50 ڪلوميٽر جي گهٽتائي ٿي، هن چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آ??ي ۽ چين پنهنجي ملڪ ۾ دنيا جو تيز ترين ريلوي جو نظام ??ڇايو آهي، چين جي مدد سان ملڪ ۾ پهرين ڀيرو وڏ?? سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ايم ايل ون 9 ارب ڊالر جو منصوبو آهي.