اسلام آباد ??? 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان وچ ايشائي ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اقتصادي واڌويجهه ۽ ترقي جي لاءِ علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ۽ بحر هند تائين پ??چ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪ پاڪستاني بندرگاهن جي وڏن موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير ميخوف س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي رابطن ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.