اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صدارت ۾ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي، والٽن ايئرپورٽ جي منتقلي ۽ پنجاب جي ننڍن شهرن جي ڀرپاسي ۾ وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت عوام کي سستي رهائش جي فراهمي جي منصوبي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزي اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر شهبا?? گل، نئين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا. پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پ??جاب جي وڏي وزير جو صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پ??جاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ، راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين راشد عزيز ۽ سينئر آفيسرن اجلاس ۾ وڊيو لن?? ذريعي شرڪت ڪئي.