اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لازمي لڳرائي وڃ??، ان بابت ابهام پيدا ڪندڙن کان خبردار رهي ڇو ته اهي ڪوويڊ 19 ۽ ويڪسين بابت نه ٿا ڄاڻين. هن اها ڳالهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ ويڪسين جي افاديت بابت شڪ شبها پيدا ڪندڙن پاران اٿاريل سوالن جي جواب ۾ صدر چيو ته ڪورونا ويڪسين جون ٻه خوراڪ ڏنيون وڃ?? ٿيون ۽ ان ??و اثر ٿيڻ ۾ ڪجهه هفتا لڳن ٿا.