اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪا حڪومت غريب طبقي جي بهتري لاءِ قدم کڻي ??هي آهي، سياسي مافياز، ڪارٽيلز ۽ ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ سڀئي اسان جي خلاف بيٺل آهن پر اها جنگ اسان کٽينداسين ۽ هن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪنداسين ۽ انصاف جو نظام آڻينداسين، پي ٽي آءِ پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا اهي ماضي ۾ ڪنهن حڪومت ناهن کنيا، پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، آبادگار خوشحال ??يا آهن، تعميرات جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، رڳو سياحت کي صحيح ڪري اسان پنهنجا ق??ض واپس ڪري سگهون ٿا، گذريل 10 سالن ۾ ٻن پارٽين جي ڪري پاڪستان جا قرض چار ڀيرا وڌي ويا، چونڊ سڌارا آڻينداسين ته جيئن اڳتي ڪير ڌانڌلي جو الزام نه هڻي ??گهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي 25 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سياست ۾ هڪ مقصد تحت وجود ۾ آئي هئي، اسان سمجهندا هئاسين ته ڪرپشن هن ملڪ کي تباهه ڪري رهي آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي پارٽي ڪرپشن کي قومي ايشو طور سامهون آندو. وزيراعظم چيو ته قومون جنگين ۽ وسيلن جي کوٽ سان تباهه نه ٿيون ٿين پر ڪرپشن سان تباهه ٿين ٿيون ۽ ڪرپشن به اها نه جيڪا تپيدار، ٿاڻيدار ۽ هيٺيون طبقو ڪري ٿو پر جڏهن حڪمران ڪرپشن ڪن ٿا ته قوم مقروض ٿي تباهه ٿي وڃي ٿي. سموري اسرندڙ دنيا جي اها ئي ڪهاڻي ??هي، ڪرپٽ حڪمران ملڪ جو پئسو مني لانڊ??نگ ذريعي چوري ڪري ٻاهر کڻي وڃن ٿا، اسان طاقتور ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي قانون جي هيٺ آڻڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ ٺاهي.