اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ آئي ووٽنگ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو انقلابي قدم آهي، ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چ??نڊن کي شفاف بڻائڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي، اسان وٽ جيئن ئي ??ليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هنن اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان مقصد جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چ??و ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ تحريڪ انصاف جي حڪومت جو چونڊ عمل ۾ هڪ انقلابي قدم آهي، اي وي ايم جي استعمال سان اليڪشن جي شفافيت کي ??مڪن بڻائي ??گهبو. هن چ??و ته 1970ع کان اڄ تائين ڪا اليڪشن اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڌانڌلي جا الزام نه لڳا هجن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن بابت عوامي راءِ کي ??تحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا ذريعي مهم شرو ڪندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چ??نڊن ۾ شفافيت آڻڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي. هن چ??و ته ڪامسيٽس ۽ ٻين ادارن جي اڻٿڪ محنت جي نتيجي ۾ اڄ اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو هڪ انقلابي قدم کڻڻ وڃي رهيا آهيون. هن چ??و ته اسان کان 5 ڀيرا وڌيڪ آبادي واري پاڙيسري ملڪ پنهنجي چونڊن کي اي وي ايم ذريعي قابل قبول بڻايو آهي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته اسان وٽ جيئن ئي ??ليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. هن چ??و ته هن وقت اسان هڪ اهڙي مرحلي ۾ بيٺل آهيون جتي ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ٿيڻي آهي، ان چئلينج کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ جي حڪومت اهم قدم کڻي رهي آهي. هن چ??و ته ان کان اڳ اي وي ايم جي حوالي سان سڌوسنئون ٽيڪنالاجي جي استعمال جي اجازت ته هئي پر اليڪشن ڪميشن کي اختيار نه ڏنو ويو هو. اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪابينا جي فيصلي تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ آئي ووٽنگ کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيوويو ته نادرا ڪميٽي کي آئي ووٽنگ بابت بريفنگ ڏيندي جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ڪنسلٽنٽ جي رپورٽ جي روشني ۾ کنيل قدمن سان گڏوگڏ نادرا جي سسٽمز جي اپ گريڊيشن تي ڪميٽي کي اگاهه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اي وي ايم کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ هن ئي هفتي ڪميٽي جو خاص اجلاس گهرائيندي ته جيئن ڪابينا جي فيصلي تي عملدرآمد ممڪن بڻائي ??گهجي. اي وي ايم کي ??ختلف باڊيز جي اليڪشن ۾ آزمائش طور استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو ويو جڏهن ته حتمي فيصلو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن خاص طور تي اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ??وٽ جو حق ڏيڻ بابت هدايت ڪئي ??هي ته اي وي ايم بابت عوامي راءِ جي لاءِ متحرڪ مهم شروع ڪئي وڃي. ڪابينا وڌيڪ هدايت ڪئي ??ه حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ايم جي ماڊل کي ??ڻ شامل ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا 18 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ پنهنجي اجلاس ۾ اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ??وٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. ان کانسواءِ ڪابينا 9 مارچ 2021ع تي پنهنجي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار کي ??دايت ڪئي هئي ??ه چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ، سمنڊ پار پاڪستانين کي ??وٽ جو حق ڏيڻ ۽ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ چونڊ سڌارن بابت ٿيندڙ اڳڀرائي ??ابت ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وڃي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڄاڻايل نقطن تي وفاقي ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني. ان کانسواءِ 31 مئي 2021ع تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو هو ته مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ايم جو ماڊل مظاهري جي لاءِ 17 جولاءِ 2021ع تائين ڪسميٽس، اين آئي ??ي ۽ نسٽ جي ذريعي تيار ڪيو ويندو.