اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ اهڙيون حالتون آهن جو ماڻهو س?? ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن، طالبان تي پاڪستان جو اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول نه آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاع??ت ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان جي معاملي تي پاڪستان جي ت??ويز کي اڳ ۾ به نه ٻڌو ويو، وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي چونڊون نه ڪرائڻ جي ت??ويز ڏني هي، اشرف غني وزيراعظم جي ت??ويز نه مڃي ۽ حالتون اڄ سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته افغان پناهگير اڃا تائين پاڪستان ۾ داخل ناهن ٿيا، افغانستان ۾ اهڙي صورتحال نه آهي جو ماڻهو س?? ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ حالتون مستحڪم رهن، پاڪستان جو طالبان تي اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول نه آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪابل ايئرپورٽ جلد کان جلد کلي وڃي.